SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آتم- رکيا- پنهنجو تحفظ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آتم- رکيا- پنهنجو تحفظ

Self Defence

سيلف ڊفينس

بين الاقوامي تعلقات ۾ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ، هر ملڪ جوسياسي ۽ قانوني حق آهي. بين الاقوامي قانون ۾ ڪنهن به ملڪ کي اجازت نه آهي ته اهو ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪري، پر حفاظت جي حوالي سان موجود غير يقينيءَ واري صورتحال ۾ ”سيلف ڊفينس“ جو حق قانوني طور تي جائز سمجهيو وڃي ٿو. ان هوندي به بين الاقوامي سياست جي ماهرن هن تصور بابت تمام گهڻا سوال سامهون آندا آهن. ڪن ماهرن مطابق، بين الاقوامي قانون ۽ بين الاقوامي ادارا جڏهن ملڪن جي بچاءَ جي ذميواري کڻن ٿا، ته پوءِ ”سيلف ڊفينس“ جو نڪتو قانوني طور تي جائز ڇو سمجهيو ويو؟ جيڪڏهن اهو نڪتو قانوني طور تي لاڳو به ڪيو ويو آهي، ته انهيءَ جا ضابطا ڪهڙا آهن؟ يا ”سيلف ڊفينس“ سيڪيورٽي جي تصور هيٺ عملي طور تي ڪيئن استعمال ڪجي؟ انهن سوالن کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي پراڻي اصول salus popul suprema lex موجب حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. موجوده دور جي بين الاقوامي قانون مطابق ”سيلف ڊفينس“ جي اهميت ئي نه رهي آهي. دراصل ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي پڌرنامي جو آرٽيڪل 2، پيرا گراف 4 ۽ آرٽيڪل 51 به تمام گهڻا منجهيل آهن. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ڏينهن تائين ” سيڪيورٽي“جي معاملي ۾، جنهن ملڪ کي جيئن سمجهه ۾ ايندو آهي اهو پنهنجي سگهه ۽ صلاحيتن آهر اهڙو قدم کڻندو آهي


Remember Me Also:

ڪوجهائي

ث. بدزيبائي ، بي ڊولائي. عيب ، گهٽتائي ، لانجهائي ، وِڏَ ، بدصورتي ، بدشڪلائي ، قباحت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal